Duration 1:29

سنڌي ادبي بورڊ سنگت پاران ھٽايل ڍگي جي لوگو کي بحال ڪيو USA-PL

119 watched
0
4
Published 18 Mar 2023

سنڌي ادبي بورڊ پاران ھٽايل ڍڳي واري تاريخي لوگو جي بحالي لاءِ سنڌي ادبي سنگت ضلعي نواب شاهه پاران شاھنواز خاصخيلي، منور سراج، بخشل باغي، ستار سندر، امداد رند، مختيار جمالي فياض چنڊ ڪليري، مزمل چانڊيو، مير حسن لاشاري، محبوب قادري، شتاب زرداري، رياض مشوري، ساگر بلاول، منظور گل ڀنگوار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ نواب شاهه پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو ته سنڌي ادبي بورڊ پاران ڍڳي وارو تاريخي لوگو ھٽائڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته سنڌي ادبي بورڊ جو ڍڳي وارو لوگو 1958کان قائم ٿيل آھي، جڏهن ته ڍڳو سنڌو سڀيتا جي علامتن مان اھم اھڃاڻ آھي، ھنن چيو ته ڍڳي وارو تاريخي لوگو ھٽائڻ سنڌو سڀيتا کان منھن موڙڻ ۽ نفرت تصور ڪريون ٿا، جڏهن ته ڪنھن به علمي ادبي اداري کي اهو حق ناهي ته هو قديم تهذيب جي علامتن کي پنهنجي مخصوص سوچ جي آڌار تي رد ڪري يا هٽائي، ھنن چيو ته سنڌي قوم پنھنجي سنڌي تھذيب، ثقافت ۽ سڀيتا سان محبت رکي ٿي اها ڳالهه نه وسارڻ گهرجي، ھنن چيو ته ڍڳي وارو تاريخي لوگو ھٽائي تاريخ سان تمام وڏي ھٿ چراند ڪئي وئي آهي جيڪو انتھائي شرمناڪ عمل آهي، ھنن مطالبو ڪيو ته سنڌي ادبي بورڊ جو تاريخي ڍڳي وارو لوگو بحال ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي.

Category

Show more

Comments - 0